ڪَٺل (ميوو)

ڪَٺل (ميوو)

ڪٺل ميوو

ڪَٺل (ميوو): هي ڏکڻ هندستان جو مشھور ميوو آهي. هن کي انگريزي ۾ Jack Fruit ۽ نباتاتي زبان ۾ Artocapus integrifolia جي نالن سان سڏجي ٿو. هن ميوي جو تعلق Urticacea خاندان سان آهي. هن ميوي جي شروعات ننڍي کنڊ کان ٿي. هڪ اندازي مطابق لڳ ڀڳ سترهين صدي عيسوي کان هن ميوي جي پوک برازيل، برما، ملايا، هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٿيندي پئي اچي. هيءُ وڻ ڇانو وارو ۽ سدا بھار آهي، جيڪو 50 فوٽ تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ميوو، وڻ جي ٿڙ تي ئي ٿئي ٿو. ميوي جي شڪل بيضوي، اڻوڻندڙ (ڪشش نه ڪندڙ)، کل اوجهري وانگر (ناهموار/کھري)، ميوو، جسامت ۾ ٻه فوٽ ڊگهو ۽ وزن ۾ اٽڪل 15 کان 20 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو. هي ميوو، ڪراچيءَ جي عيسائي باشندن ۽ بنگالين ۾ مقبول آهي. ڪچي ميوي جو استعمال ڀاڄيءَ طور ڪثرت سان ڪجي ٿو، جڏهن ته پچڻ کان پوءِ ميوي طور کائجي ٿو. هن جي ميوي مان شربت پڻ تيار ڪجي ٿو. هن ميوي جو هاضمو جلد نٿو ٿئي، انڪري ٿوري مقدار ۾ کائڻ سان طاقت بخشي ٿو. هن جي وڻ جو ڪاٺ فرنيچر ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو ۽ هي وڻ باغن جي ٻاهران، هوا کان روڪ طور به لڳايو وڃي ٿو. هن جي پوک گهميل علائقن ۽ خشڪ آبھوا وارن علائقن ۾ جتي آبپاشيءَ جو مناسب انتظام هجي، اتي آساني سان ٿيندي آهي. هن ميوي جي پوک لاءِ پاڻي جي گهڻي گهرج پوي ٿي، جنھن سان پوسل کي گهڻو وقت برقرار رکي سگهجي، ڇو ته وڻ جي پاڙ ۾ تاندورا ڪونه ٿين، جن وسيلي، غذائي جزا پاڻيءَ ذريعي حاصل ڪجن ٿا. سنڌ ۾ خاص طرح سا هن جو باغ ڪونه ٿو لڳايو وڃي، پر هن جا وڻ باغن ۾ پٽڙين سان يا پاڻيءَ جي نالين جي ڪپ تي، قطارن ۾ لڳايا وڃن ٿا. ڪٺل جي نسلي واڌ ويجهه عام طرح سان ٻج وسيلي ڪجي ٿي، پر هن جا پاڙ وارا قلم، جيڪي هڪ انچ ٿلها هجن ٿا، اهي زمين ۾ لڳائڻ سان نوي سيڪڙو ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. ڪٺل جي هڪ ميوي مان لڳ ڀڳ 80 کان 120 ٻج حاصل ٿين ٿا ۽ تازا ٻج لڳائڻ سان ٽن کان ڇھن هفتن اندر ٻج ڦٽي پون ٿا. هن ميوي جا ٻوٽا عام طرح سان 4 کان 8 سالن جي ڄمار تائين ڦر جهلين ٿا. وڻ، جنوريءَ جي شروعات ۾ گل جهلين ٿا، جڏهن ته ميوو جون- جولاءِ ۾ ملي ٿو. نر گلن جا جُزا مادي گلن تائين، هوا وسيلي پھچن ٿا، پر اهو عمل هٿ سان ڪرڻ جي صورت ۾ ڦر جهلڻ واري مادي گلن جي تعداد ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ ميوي جو وزن به وڌي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو